سنڌ ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ جوڙيل ھاءِ پاورڊ ڪميٽي جو اجلاس، منشيات جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن پاران گڏجي ڪم ڪرڻ، انٽيليجنس ۽ ڊيٽا شيئرنگ، منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي وارن مرڪزن جو تعداد وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي-07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ جوڙيل ھاءِ پاورڊ ڪميٽي پاران منشيات جي خاتمي لاءِ سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن گڏجي ڪم ڪرڻ، انٽيليجنس ۽ ڊيٽا شيئرنگ، منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي وارن مرڪزن جو تعداد وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. صدر آصف علي زرداري جي ھدايتن تي سنڌ ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ جوڙيل ھاءِ پاورڊ ڪميٽي جو پھريون اجلاس سنڌ جي …

ڪراچي-07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ جوڙيل ھاءِ پاورڊ ڪميٽي پاران منشيات جي خاتمي لاءِ سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن گڏجي ڪم ڪرڻ، انٽيليجنس ۽ ڊيٽا شيئرنگ، منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي وارن مرڪزن جو تعداد وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. صدر آصف علي زرداري جي ھدايتن تي سنڌ ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ جوڙيل ھاءِ پاورڊ ڪميٽي جو پھريون اجلاس سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ ٿيو. شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ھوم اقبال ميمڻ، سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول محمد سليم راجپوت، تعليم واري سيڪريٽري زاھد علي عباسي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري سيڪريٽري عباس بلوچ، اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڪمانڊر برگيڊيئر عمر، ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر، اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڊپٽي ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل شاڪر، انٽيليجنس بيورو جي ڊائريڪٽر خان فيصل، ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ڊي جي عثمان غني صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تعليم واري سيڪريٽري زاھد علي عباسي ھاءِ پاورڊ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آگاھي ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 11 ھزار خانگي اسڪول رجسٽرڊ آھن ۽ منشيات جي ڪنٽرول ۽ شاگردن جي ڊرگ ٽيسٽنگ جي معاملي تي سمورن اسڪولن جي انتظاميه مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي آھي. اجلاس ۾ تعليمي ادارن اندر ۽ شاگردن ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ والدين ۽ استادن تي ٻڌل تنظيم پيرنٽس ٽيچرز ايسوسيئيشن کي به اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ تعليم واري سيڪريٽري زاھد علي عباسي کي تعليمي ادارن ۾ اسڪريننگ ڪميٽيون جوڙڻ ۽ شاگردن جي ريگيولر چيڪ اپ کي يقيني بڻائڻ جون ھدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڪمانڊر برگيڊيئر عمر منشيات جي خاتمي لاءِ اي اين ايف جي ڪوششن بابت بريفنگ ڏني ۽ سنڌ سرڪار جي منشيات خلاف جاري جدوجھد ۾ وفاقي اداري اينٽي نارڪوٽڪس فورس طرفان ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي ھدايتن تي منشيات خلاف قائم ڪيل ھاءِ پاورڊ ڪميٽي جو مقصد منشيات جي خاتمي کي يقيني بڻائن آھي. هن ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو ته معاشري ۾ منشيات جا اثر وڌندا پيا وڃن، اُن کي نه روڪيو ويو ته معاشرو ھٿن مان نڪري ويندو، منشيات جي ڪري نئون نسل تمام گھڻو متاثر ٿي رھيو آھي، صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي، اُن لاءِ سڀني کي سنجيدگي سان ڀرپور نموني ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري صدارت سنڀاليندي ئي پھرين اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي جون ھدايتون جاري ڪيون ھيون، صدر آصف علي زرداري کي منشيات جي وڌندڙ لاڙي تي تمام گھڻي ڳڻتي آھي، حڪومت ھن لعنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آھي، سنڌ سرڪار چاھي ٿي ته منشيات جي خاتمي لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪن.ھن چيو ته شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ منشيات ۾ واڌ ٿي آھي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي، تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ ٻارن جي ڊرگ ٽيسٽنگ ڪئي پئي وڃي، تعليم کاتو ان سلسلي ۾ اسڪول انتظاميا ۽ والدين کي اعتماد ۾ وٺي رھيو آھي، ٻارن جي ڊرگ ٽيسٽنگ جو عمل مڪمل رازداري سان ٿيندو ۽ ڪنھن به ٻار جي ٽيسٽ ھاڪاري اچڻ جي صورت ۾ رڳو سندس والدين کي ٻڌايو ويندو ۽ ٻار کان پُڇيو ويندو ته کيس منشيات ڪنھن ڏني. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار منشيات جي نيٽ ورڪس جو خاتمو چاھي ٿي، منشيات جي وڪرو ڪندڙ، ڊيلرز ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آھي، منشيات جي ڪُڌي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻھو ڪيترا به بااثر ۽ طاقتور ڇو نه ھجن، سڀني خلاف قانون موجب بنا ڪنھن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

مزید خبریں