ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام ۽ مسافرن لاءِ وڏي خوشخبري ڏيندي سمورن بس اڏن کي ڪراچي شھر کان ٻاھر منتقل ڪرڻ ۽ مسافرن کي مفت شٽل سروس فراھم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ مسافرن جي لاءِ پراڻن بس اڏن کان مفٽ ۾ شٽل سروس ھلائي پئي وڃي، مسافرن کي ٽرمينل تائين پھچائڻ لاءِ مفت شٽل سروس 14 آگسٽ کان شروع ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ ھڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو، آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس جي موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ بس اڏن کي اوليتي بنيادن تي فوري طور شھر کان ٻاھر منتقل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھيوي گاڏين جي ڪري ڪراچي جي شھرين کي ڏکيائين جو منھن ڏسڻو پوي ٿو، روڊن تي بھ دٻاءُ وڌي ٿو، سمورن بس اڏن کي ڪراچي شھر کان ٻاھر منتقل ڪيو پيو وڃي، ڪراچي بس ٽرمينل ۾ مسافرن جي لاءِ وڌيڪ جديد سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن. ھن چيو تھ شٽل سروس ڪينٽ اسٽيشن، صغير شھيد روڊ، ايم اي جناح روڊ ۽ الڪرم اسڪوائر کان شروع ڪئي پئي وڃي، شٽل سروس ذريعي مسافرن کي پراڻن بس اڏن تان ٽرمينل تائين مفت سھولت ڏني پئي وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون ڏنيون تھ ڪوشش ڪئي وڃي تھ ڪراچي جي شھرين ۽ مسافرن کي ڪنھن بھ قسم جي تڪليف يا پريشاني جو منھن ڏسڻو نھ پوي، سمورن اسٽيڪ ھولڊرز جي مفادن جو خيال رکندي قدم کنيا وڃن. ھن چيو تھ اھڙن قدمن کي يقيني بڻايو وڃي تھ جيئن ٽرانسپورٽرز جو بھ نقصان نھ ٿئي ۽ مسافرن کي بھ رليف ملي سگھي، مسافرن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪراچي بس ٽرمينل تي پوليس جي چوڪي پڻ قائم ڪئي پئي وڃي.