حيدرآباد-04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران (اڄ) 5 آگسٽ تي ڪشميرين سان يڪجهتي طور استحصال جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس پاران جاري ھڪ پڌرائي موجب وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت ھيٺ اي سي ٽو بلڊنگ کان صبح جو ساڍي ڏهين وڳي ريلي نڪرندي، جيڪا عمارت جي چؤطرف مارچ ڪرڻ بعد مک دروازي تي پھچندي. وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ ٻيا تعليمي توڙي انتظامي شعبن جا سربراھ موضوع جي مناسبت سان تقريرون ڪندا ۽ پنھنجي آزاديءَ جي جدوجھد ۾ حياتين جون قربانيون ڏيندڙ ڪشميرين کي ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا. يوم استحصال ريلي ۾ سمورين فيڪلٽين جي ڊينز ۽ تعليمي توڙي انتظامي شعبن جي سربراھن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آھي.