ٿرپارڪر-01 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلين جي ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ گرمي ۽ گهُٽ کان پوءِ ٿرپارڪر ضلعي ۾ شروع ڪيل “سرسبز ٿر” مهم جي سلسلي ۾ وڻڪاري مهم جاري آهي. ضلعي جي شهرن سميت ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ وڻ پوکڻ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير احمد سيٺار آگاهي ريلي دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٿرپارڪر جي ھيڊ ڪوارٽر واري شهر مٺي جي مختلف هنڌن تي ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو ويو.
ان موقعي تي هنن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٻه لک ٻوٽا لڳائڻ جو هدف آهي جنهن کي مڪمل ڪيو ويندو. ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن سميت ڳوٺن ۾ وڻڪاري ڪئي پئي وڃي. ٿر جي ريگستان ۾ ڏڪاري صورتحال جي خطري کي نظر ۾ رکندي اسان سڀني کي وڻڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي مهم نه رڳو ماحولياتي سڌاري لاءِ آهي پر ان سان ٿرپارڪر سرسبز ۽ شاداب ٿي سگهي ٿو. سرسبز ٿر مهم ٿر جي ماحول کي بھتر بڻائي گرمي گهٽائڻ ۽ موسمي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. اسان جو مقصد ٿر کي وڻن سان سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ آهي. هن مقصد جي تحت ٿر ۾ ” ٻوٽا پوکيو ڌرتي بچايو“ مهم شروع ڪئي وئي آهي، ضلعي ۾ مفت ٻوٽا فراهم ڪيا پيا وڃن. ٿر جي نوجوانن کي پنهنجي علائقن ۾ وڻڪاري ڪرڻ کپي ته جيئن ماحول کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ٿر کي گرين ۽ سرسبز بڻائي سگهجي. ان موقعي تي ضلعي جي سمورن آفيسرن سميت مقامي سماجي تنظيمن جا نمائندا ۽ شهري وڏي انگ ۾ موجود هئا.