اسلام آباد -31 جولاءِ (اي پي پي ) سنڌ جي نامياري عوامي شاعر ابراهيم منشيءَ کي وڇڙيئي 21 سال ٿي ويا. ابراهيم منشي 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري پُراڻي حيدرآباد ضلعي ۽ هاڻوڪي ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ محمد اسحاق سومرو جي گهر ۾ اک کولي، ابراهيم منشي پرائمري جا پنج درجا ڳوٺ جي مڪتب مان پاس ڪيا. 1945ع ۾ والد جي لاڏاڻي سبب گهر ڀاتين جي گذر سفر لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي، شاعري جي شروعات هِن 1949ع ۾ ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو والد اسحاق سومرو پڻ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو، ابراهيم منشيءَ جي شاعري تي سندس والد جو گهڻو اثر هو. ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون، اُن بعد هُن مزاحمت جو دڳ ورتو ۽ شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳ، ابراهيم مُنشيءَ سُٺو موسيقار پُڻ هو ۽ پنهنجن ڪيترن ئي ڪلامن جي موسيقي هُن پاڻ ڏني، هو پنھنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. 1960ع ڌاري سنڌ جي جديد سنڌي شاعري جي امام شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. 66- 1965ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپجڻ لڳي. سندس شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ”پيغام مظلوم“ (1970ع) ۾ ڇپيو، ٻيو ڪتاب ’وڳهه جا وريام‘ (1971ع) ۾ ڇپيو. سندس شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب “گوندر ويندا گذري” 1985ع ۾ ڇپيو، جنھن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. 1991ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتيءَ دين ڌرم‘ ڇپيو. سندس شاعريءَ جو پنجون ڪتاب “ڌؤنري ڏينھن ڌاڙا” 1995ع) ۾ ڇپيو. سندس ڇهون ڪتاب “اکر اکر کي اک” 2006ع ۾ ۽ ستون ڪتاب ”ڇپر ڇمر ڇانورو“ آهي. ابراهيم منشيءَ 31 جولاءِ 2003ع تي وفات ڪئي، هُو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ مٽيءَ ۾ ماءَ حوالي ٿيل آهي.