ٿرپارڪر – 30 جولاءِ (اي پي پي) ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ راڙڪوئو ۾ ٻن ڀينرن ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. 14 ورهين جي نيلان ۽ 16 ورهين مروان ڪولهي ڳوٺ ويجهو وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڳوٺاڻن وڻ تي لٽڪيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. ننگرپارڪر پوليس موقعي تي پهچي لاش ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتان قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته خودڪشي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.