حيدرآباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف پومولوجي، چيني اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز (آءِ پي سي اي اي ايس) وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنھن جو مقصد ملڪ ۾ ميون تي تحقيق کي ھٿي ڏيڻ ۽ ميون جي صنعت جي ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ تقريب منعقد ٿي. زرعي ۽ پومولوجي تحقيق ۾ سائنسي سهڪار بابت مفاهمت جي يادداشت تي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ۽ آءِ پي سي اي اي ايس جي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر چينگ ڪونگنگ صحيحُون ڪيُون، ان مفاهمتي يادداشت تحت فني سهڪار، عملي جي مٽاسٽا، پوسٽ گريجوئيٽ تربيت ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي صنعتي جوڙجڪ شامل آهي، ان سهڪار جي ڪوآرڊينيٽرز ۾ زرعي يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راجپر، ۽ ڊاڪٽر نياز احمد واھوچو شامل آهن، جڏهن ته آءِ پي سي اي اي ايس طرفان ڊاڪٽر يو يونگشان ۽ ڊاڪٽر ڪانگ جيانلين شامل آهن. ان سلسلي ۾ هڪ اسٽيرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ چين جي پروفيسر ڊاڪٽر چينگ ڪونگنگ ۽ پاڪستان جي پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري جي اڳواڻي شامل هوندي، اها ڪميٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياددآستن تحت سهڪار جي ڪاميابين جي نگراني ڪندي ۽ ماهرن جي مٽاسٽا ۽ فورمن لاءِ فنڊنگ حاصل ڪندي، جنهن جي ذريعي ميون جي تحقيق ۾ سائنسي ۽ فني سهڪار ۾ اهم اڳڀرائي جي نمائندگي ڪندي، جيڪا پائيدار ميون جي پيداوار کي ھٿي ڏيڻ سان گڏ پاڪستان-چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي،
جڏهن ته سينو- پاڪستان ماڊرن ڊيمونسٽريشن آرچرڊ جي بابت مفاهمت جي يادداشت تي زرعي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي ۽ آءِ پي سي اي اي ايس جي ڊاڪٽر يو يونگشان صحيحُون ڪيُون. اها مفاهمتي يادداشت وسيلن ۾ ڀاڱي ڀائيواري ذريعي ٻه طرفي فني سهڪار تي ٻڌل آهي ۽ ان تحت گڏيل تحقيق، تربيت، فني منصوبا، ۽ تعليمي اشاعتون شامل هونديون، هن سهڪار جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ نتيجا گڏيل طور ٻنهي ادارن جي ملڪيت هوندا.
مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن کانپوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، آءِ پي سي اي اي ايس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر يو يونگشان، ۽ ٻنهي ادارن جي ٻين ماهرن يونيورسٽي جي ملير فارم ۾ ڊيمونسٽريشن آرچرڊ جي چونڊ فيلڊ جو افتتاح ڪيو.