حيدرآباد-24 جولاءِ (اي پي پي) عورتن جي ڀلائيءَ واري کاتي جي صوبائي وزير شاهينه شير علي ڪالهه دارالامان حيدرآباد جو دورو ڪري متاثر عورتن جا مسئلا معلوم ڪرڻ سان گڏ مبينه طور تي جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿيل هڪ عورت جي واقعي بابت وومين ڪمپلينٽ سيل جي انچارج قرت العين کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ هدايت جاري ڪئي ته ان معاملي جي انڪوائري ڪري متاثر ٿيل عورت کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هن وڌيڪ چيو ته جنسي زيادتي ۽ جنسي تشدد جي خاتمي لاءِ ڏوهارين کي سزائون ڏيڻ تمام ضروري آهن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي ڏوهن جي حوصلا شڪني ٿئي. صوبائي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عورتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ تمام جلد سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) جي گڏيل سهڪار سان جيل ۾ قيد ۽ دارالامان جي متاثر عورتن لاءِ مستقبل ۾ اسڪل ڊولپمينٽ مڪينزم بڻائڻ وڃي رهيا آهيون، جنهن تحت اسين انهن متاثر عورتن کي تربيتي ورڪشاپس ۽ ٽريننگ ڪرائي کين با اختيار بڻائي سگهنداسين. صوبائي وزير چيو ته اسٽيوٽا جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ موجود دارالامان جو دورو ڪرڻ بعد اتي رهائش پذير عورتن جي اسڪل ڊولپمينٽ لاءِ ايم او يو سائن ڪنداسين. هن چيو ته دارالامان ۾ موجود عورتن کي قانوني معاونت فراهم ڪئي ويندي.