حيدرآباد -23 جولاءِ (اي پي پي) حيسڪو چيف محمد روشن اوٺو چيو آهي، ته هر صورت ۾ بجليءَ جي چوري جو خاتمو ڪرڻو آهي. پوليس ۽ مئجسٽريٽ ذريعي بجلي چورن کي گرفتار ڪري 100 سيڪڙو رهتن جي وصولي ڪرڻي آهي. اهڙو اظهار هن حيسڪو جي آفيسرن سان ويڊيو ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جنهن به آفيسر جي ڪارڪردگي بهتر نه هوندي، انهن خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪري، نوڪرين مان برطرف ڪيو ويندو. هن چيو ته حيسڪو ڪمرشل ادارو آهي ۽ صارفين تي لازم آهي، ته اهي بجلي جي بلن جي ادائيگي باقائدگي سان ڪن، ته جيئن حيسڪو بجليءَ جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهي.