سکر – 19 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ سيد هائوس ۾ ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۽ سانوڻي جي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظامن بابت اهم اجلاس ٿيو. جنهن ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه، قومي اسيمبلي جي ميمبر نعمان اسلام شيخ، ايم پي اي سيد فرخ احمد شاه، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل، ٽنهي ٽائون جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ موجود هئا. سيد خورشيد احمد شاه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاه ۽ سيد ناصر حسين شاه ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن سميت نيڪاسي جي لائينن جي صفائي ۽ برساتن دوران ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ ۽ شهرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ سميت ٻين منصوبن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مڪاني ادارن جي نمائندن کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجن علائقن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪن، سمورا شروعاتي قدم فوري طور تي مڪمل ڪن، اڌورن ڪمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.