ڪراچي-19 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ بلوچستان جي صحت واري وزير سردار فيصل خان جمالي وچ ۾ کير ٿر ڪينال ۾ پاڻي جي مسئلي تي گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ سنڌ – بلوچستان جي وزيرن جي جي ٿيل گڏجاڻي ۾ کير ٿر ڪينال ۾ پاڻي جي کوث جي مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏيندي چيو ته کير ٿر ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي.