لاڙڪاڻو – 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ تي پابندي نه هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي ته پوءِ پي ٽي آءِ کي عملي طور پاڻ کي مڪمل سياسي پارٽي ثابت ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آئيني طور تي ڪنهن به جماعت تي پابندي لڳائڻ جو حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته حڪومت ڪنهن به جماعت تي پابندي لڳائڻ بابت ريفرنس سپريم ڪورٽ کي موڪليندي آهي ۽ پوءِ عدالت ئي حتمي فيصلو ڪندي آهي. هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ابهام ۽ سواليه نشان آهي جيڪو اڃان تائين عوام کي سمجهه ۾ ئي نه آيو آهي. هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت عدالت ۾ درخواست سني اتحاد ڪائونسل داخل ڪئي هئي ۽ مخصوص سيٽون ڏيڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏنو ويو آهي جنهن عدالت ۾ مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ئي نه ڪئي ان لاءِ عدالت جو اھو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي نشان ئي الاٽ نه ٿيو هو ۽ آزاد اميدوار مختلف نشانن تي چونڊون وڙهيا آهن ته پوءِ مخصوص سيٽن جي حقدار پي ٽي آءِ ڪيئن ٿي؟. ٻئي طرف نثار احمد کهڙو پيپلز پارٽي چيئرمين جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نظير ڌوڪي جي وفات تي پير جي ڳوٺ پهچي سندس پٽن ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سکر ڊويزن جو صدر سيد بچل شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.