حيدرآباد -17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد پهچي يوم عاشوره جي موقعي تي برآمد ٿيل مرڪزي ماتمي جلوس جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار به ساڻس گڏ هو. وڏي وزير ڪمشنر حيدرآباد بلال ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي طارق ڌاريجو کان سيڪيورٽي انتظامن تي بريفنگ ورتي. هن قدم گاهه مولي علي امام بارهه کان 10 محرم جي مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪري قيادت ڪئي ۽ وڏي وزير جلوس دوران قائم مختلف طبي ڪيمپن جو به دورو ڪيو. وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يوم عاشوره جي جلوس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ آيو آهيان، جلوس جا انتظام ڪندڙن سان به مليو آهيان. سيڪيورٽي انتظام اطمينان بخش آهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي نئين لهر اٿي آهي، جنهن جو خاتمو ڪرڻو آهي. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ پرامن طريقي سان يوم عاشوره جا جلوس روان دوان آهن. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو ۽ ٻيا سياسي ڪارڪن به ساڻس گڏ هئا.