ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا آھن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ھائوسنگ پروجيڪٽ جي حوالي سان عوام طرفان شڪايتون اچي رھيون ھُيون ته انھن جا نالا شامل نه ڪيا ويا آھن، پاڪ فوج، رينجرز ۽ نجي شراڪتدارن سروي ڪئي هئي، جيڪي ٻوڏ متاثر رھجي ويا آھن اُنھن جي معلومات به گڏ ڪئي ويندي، جيڪي گھر تعمير کان رھجي ويا اُنھن جي مناسب چڪاس بعد تعمير جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن، سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گھر ٺاھي رھي آھي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ راڻي باغ حيدرآباد لاءِ ماسٽر پلان جي منظوري ڏني وئي، مڪاني ادارن وارو کاتو پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت راڻي باغ کي بحال ڪرڻ جو خواھشمند آھي، سنڌ سرڪار چاھي ٿي ته ٻارن کي تفريحي سھولتون ملي سگھن. ھن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري جي استادن جي ڀرتي جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا فيصلو ڪيو ته ڪا به گاڏي خريداري کانپوءِ سڀني کان پھرين رجسٽرڊ ٿيندي اُن کانپوءِ روڊن تي ايندي، اڳ ۾ جيڪو به شخص گاڏي خريد ڪندو ھو، 60 ڏينھن ۾ گاڏي رجسٽرڊ ٿيندي ھُئي، ھاڻي ڪابه گاڏي بنا رجسٽريشن جي روڊن تي ھلائي نه سگھبي، ماڻھو اڳي ورھين تائين رجسٽريشن کانسواءِ ئي گاڏيون ھلائيندا ھُئا، ھاڻي ايئن نه ٿيندو. جنھن سان ڏوھن ۾ غير رجسٽرڊ گاڏين جو استعمال نه ٿي سگھندو ۽ روينيو ۾ به اضافو ٿيندو. ھن چيو ته وفاقي سرڪار ھڪ لک 50 ھزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي، ڪابينا کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏني آھي، جنھن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تحت کنڊ ايڪسپورٽ ٿي سگھندي، جنھن تي في الحال اسٽي لڳل آھي، جيئن ئي اسٽي آرڊر ختم ٿيندو ته حڪومت کنڊ ايڪسپورٽ ڪندي .سينئر وزير چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ ٻارن لاءِ انفنٽ اينڊ ينگ چائلڊ بورڊ قائم ڪرڻ، منڇر ڍنڍ ۽ انڊس ھاءِ وي تي پُلين جي اڏاوت جي منظوري ڏني وئي، اُنھن ٻنھي پُلين جي اڏاوت تي 2. 3 ارب روپيا خرچ ايندو، سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي ھيلٿ انشورنس اسٽيٽ لائيف ڪمپني کان ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جڏھن ته آءِ بي اي سکر جو ڪيمپس گھوٽڪي ۾ جوڙيو پيو وڃي، جنھن سان مقامي ماڻھن کي معياري تعليم ملي سگھندي.