لاڙڪاڻو-11 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي ڳوٺ نائچ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان زنگيجا ذات جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڌر سان واسطو رکندڙ 46 ورهين جو شمن زنگيجو سندس پٽ 28 ورهين جو شوڪت علي زنگيجو، 40 ورهين جو علي حسن ۽ سندس ڀاءُ 37 ورهين جو علي اڪبر قتل ٿي ويا،

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا جڏهن ته پوليس ڇاپو هڻي هڪ جوابدار وقار زنگيجو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جنهن کي علاج لاءِ ٽراما سينٽر علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو آهي. ان حوالي سان مقتول شمن علي زنگيجو جي گهرواريءَ زرينه زنگيجو ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هيو، جنهن کان پوءِ صبح جو نذير زنگيجو، شبير زنگيجو، شهمير زنگيجو، مجاهد زنگيجو، سجاد سميت ٻين گوليون هڻي منهنجي مڙس شمن زنگيجو، پٽ شوڪت علي زنگيجو سميت علي حسن، علي اڪبر زنگيجو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، جنهن واقعي جو اطلاع اسان پوليس کي ڏنو پر پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته پٽ، مڙس ۽ ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ نائچ ۾ ٻارن جي ڳالھ تان هٿياربندن ٻن ڀائرن، پيءُ ۽ پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، جنهن واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊڪوارٽر حسيب جاويد سومار ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي جنهن واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري معلومات ورتي ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هوڏانهن مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.