حيدرآباد-10 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ، ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد سعود بلوچ سان گڏ گذريل رات دير سان تعلقه لطيف آباد جي اماميه امام بارگاهه، سادات ڪالوني امام بارگاه ۽ هزاره امام بارگاه جو دورو ڪري سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي عملي کي هدايتون جاري ڪيون ته اهي سيڪيورٽي جي انتظامن کي يقيني بڻائين ۽ عزادارن جي مسئلن کي فوري طور تي حل ڪن.