!!وسڪاري کان اڳ ڪناري لڳل ٻيڙيُون

سانوڻي جي مُند جا وسڪارا شروع ٿي ويا آهن، موسم جي اڳڪٿيءَ ڪندڙ ادارن مُلڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برستان جي اڳڪٿيءَ ڪئي آهي، پر انهن وسڪارن کان اڳ اسلام آباد ۾ موجود راول ڊيم ۾ پاڻي هِن وقت تمام گهڻي حد تائين گهٽجي ويو آهي ۽ اُن ۾ سياحن کي تفريح ڪرائڻ لاءِ موجُود ٻيڙيُون ڪناري تي لڳي ويون آهن ۽ ڊيم جي ڪنڌيءَ تي موجود مهاڻا سانوڻي …

سانوڻي جي مُند جا وسڪارا شروع ٿي ويا آهن، موسم جي اڳڪٿيءَ ڪندڙ ادارن مُلڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برستان جي اڳڪٿيءَ ڪئي آهي، پر انهن وسڪارن کان اڳ اسلام آباد ۾ موجود راول ڊيم ۾ پاڻي هِن وقت تمام گهڻي حد تائين گهٽجي ويو آهي ۽ اُن ۾ سياحن کي تفريح ڪرائڻ لاءِ موجُود ٻيڙيُون ڪناري تي لڳي ويون آهن ۽ ڊيم جي ڪنڌيءَ تي موجود مهاڻا سانوڻي جي ڀرپُور برساتن وسڻ جي انتظار ۾ آهن، هنن مهاڻن ۽ روزگار ڪندڙ ماڻهن لاءِ سوڪ ۽ ٻوڏ جو تعلق صرف سير ۽ تفريح سان آهي، هنن کي اُن اُڃ جو احساس ناهي جيڪا اُڃ سوڪهڙي جي وقت ٿر ۽ چولستان جي ماڻهن جي سُڪل ۽ ٺوٺ چپن تي موت جو رقص ڪري ٿي، زبان ٻاهر نڪري اچي ٿي، پر هتي جا سوڪ ۽ ٻوڏ جا ٻئي منظر روح کي راحت بخشي وڃن ٿا، سامهُون ڳاٽ اونچي سان بيٺل مارگلا جا جبل به جڏهن باهه ۾ سڙڻ لڳن ٿا ته اهي به انهن ڪنڌيءَ تي بيٺل ٻيڙين کي ڄڻ ته اهو چون ٿا، “توهان ته سوڪ ۾ به ڪنڌيءَ لڳي سڙڻ کان بچي ٿيُون وڃو پر اسان ته پنهنجي ئي ڇانو جي ذريعن هٿان سڙي ٿا وڃُون”.

پر ڪاش ڪو ڍنڍن ۽ درياهن جي ڪنڌيءَ تي وسندڙ انهن ماڻهن کان به پُڇي جيڪي سوڪ ۽ ٻوڏ ٻنهي منظرن کان خوف کائين ٿا، سوڪ جي ويل پاڻ لڏيو وڃن ۽ ٻوڏ جي مهل انهن کي درياهه ۽ ڍنڍُون ڌڪيو ڇڏين ۽ انهن جو اُماوس راتين ۾ ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي، بس اهو هر جاءِ جو پنهنجو پنهنجو قصو آهي، ڪٿي سوڪ ۽ ٻوڏ، ٻنهي جو نظارو وڻندڙ هوندو آهي ته ڪٿي وري حياتيءَ کي ڀوڳڻو پوندو آهي.

پر سوڪهڙي ۾ ڪناري لڳل ٻيڙين جو درد ٻوڏ ۾ لڙهندڙ ٻيڙين کان وڌيڪ هوندو آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي چيو ته:

جِتي گهورِيو گهاتوئِين، تِتي واريءَ بِٺُ

سَهسين ساٽي مُٺَ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گيا

سُر گهاتُو!!

اي پي پي سنڌي سروس

مزید خبریں