لاڙڪاڻو-08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ايم پي اي جميل احمد سومرو لاڙڪاڻي ضلعي جي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته سانوڻي جي برساتن دوران لاڙڪاڻي جي عوام کي هر صورت ۾ رليف ڏنو وڃي. اهڙو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي جي درٻار هال ۾ هڪ اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ ڊي سي لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا ۽ ٻين عملدارن برساتن جي نقصانن کان بچڻ لاءِ ورتل اپائن بابت بريفنگ ڏني. ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته برساتن کان اڳ گندن نالن جي صفائي کي يقيني بڻائي وڃي ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن جو شهر جي روڊن رستن تي پاڻي نه بيهي ۽ شهرين کي ڪا به تڪليف نه ٿئي. اجلاس ۾ لاڙڪاڻي جي ميئر انور علي نواز لهر، پ پ لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ، شفيق احمد چانڊيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ پ پ اڳواڻن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ عملدارن پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.