نواب شاهه – 08 جولاءِ (اي پي پي) نواب شاهه جي علائقي پڊعيدن ۾ غربت کان مجبور ٿي پيءُ 15 ڏينهن جي معصوم نياڻي کي جيئرو دفنائي ڇڏيو. پوليس جوابدار پيءُ کي گرفتار ڪري خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. پوليس مطابق پڊعيدن ويجهو ڳوٺ لونگ راڄپر ۾ پيءُ پاران سندس معصوم نياڻي کي جيئرو دفنائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي نوشهروفيروز ڪيپٽن(ر) صدام حسين پاران نوٽيس وٺڻ بعد واقعي جو سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس داخل ڪندي ڪنڊيارو پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري مرڪزي جوابدار طيب عرف مڇر راڄپر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته هن اهو قدم نياڻي جي علاج لاءِ پئسا نه هجڻ جي بنياد تي ڪيو هو. گرفتار جوابدار پوليس سامهون پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ڌي پيدا ٿي جڏهن ته هو بيمار هئي ۽ غريب هجڻ سبب پنهنجي ڌيءَ جو علاج نه ڪرائي سگهيس، مون نياڻي کي وڪرو ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ڪنهن خريد نه ڪئي. بعد ۾ مون تنگ اچي پنهنجي معصوم 15 ڏينهن جي نياڻي کي جيئرو دفنائڻ جو ڏوهه ڪيو. پوليس طرفان گرفتار جوابدار طيب عرف مڇر راڄپر کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.