ڪراچي-08 جولاءِ (اي پي پي) صوبائي محتسب ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ٽنڊو جان محمد جي رهواسين جي سٽي سروي بابت داخل درخواست تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ڪمشنر ميرپورخاص کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته سٽي سروي جو رڪارڊ 45 ڏينهن ۾ ٻيهر گڏ ڪيو وڃي. جيڪي به دير وارا حربا استعمال ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن کنيو وڃي ۽ 60 ڏينهن اندر سٽي سروي جو رڪارڊ ٺهرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي جيڪو ضلعي ميرپورخاص جي علائقي ٽنڊو جان محمد ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ٿيل احتجاجي مظاهرن ۾ سٽي سروي ٽنڊو جان محمد جي سروي جو رڪارڊ باهه ور چڙهي ويو هو، جنهن تي علائقي وارن ڪيترائي ڀيرا درخواست ڪئي پر ٻڌڻي نه ٿي هئي بعد ۾ ٻيهر محتسب کي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن تي سٽي سروي جي عملدارن بنا ڪنهن جواز جي دير واري حڪمت عملي استعمال ڪئي. صوبائي محتسب ان درخواست تي فيصلو ڏنو ۽ لکت ۾ حڪم ڏنو ته ان لاپرواهي ۽ غفلت ڪندڙ ذميوارن خلاف 45 ڏينهن اندر نشاندهي ڪري بعد ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي.