ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي سمورن زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو تاريخي قدم کڻندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان حڪومت سان گڏجي بلوچستان جي اٽڪل 28 هزار بجلي تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪندي، 55 ارب رپين جي ان منصوبي جو 70 سيڪڙو وفاقي جڏهن ته 30 سيڪڙو بلوچستان حڪومت ادا ڪندي. وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت جي وچ ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن معاهدي تي صحيحن واري تقريب ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم بلوچستان ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير، بلوچستان جو گورنر ۽ وڏو وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان حڪومت سان گڏجي بلوچستان جي اٽڪل 28 هزار بجلي تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪندي. 55 ارب رپين جي ان منصوبي جو 70 سيڪڙو وفاقي جڏهن ته 30 سيڪڙو بلوچستان حڪومت ادا ڪندي. وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير کي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي منصوبي کي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو. وزيراعظم چيو ته زرعي ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ پوکيءَ لائق زمين ۾ اضافو ٿيندو. زرعي ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ سان آبادگارن کي پورو ڏينهن پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي سگهبي. وفاقي حڪومت هر سال بجلي جي بلن جي عدم ادائيگي جي ڪري سبسڊي جي مد ۾ 70 کان 80 ارب رپيا مهيا ڪندي رهي پر پوءِ به آبادگارن کي رڳو 2 کان 6 ڪلاڪ بجلي ملندي هئي. وزيراعظم چيو ته زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي سان اهو پراڻو مسئلو سدائين جي لاءِ ختم ڪري رهيا آهيون. سڄي دنيا ۾ شمسي توانائي سان گهٽ لاڳت ماحول دوست بجلي ٺاهي پئي وڃي. سڄي ملڪ ۾ شمسي توانائي سان بجلي جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. وفاق بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين ۾ سرڪاري وظيفن تي زرعي شعبي جي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ موڪليا ويندڙ شاگردن ۾ بلوچستان جي 10 سيڪڙو وڌيڪ شاگردن جي ڪوٽا رکي وئي آهي. چين ۾ هواوي ڪمپني تحت 3 لک پاڪستاني نوجوانن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تربيت ۾ پڻ بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا رکي وئي آهي. بلوچستان جا نوجوان اعليٰ تعليم يافته هوندا ته اهي صوبي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا. بلوچستان جي مسئلن جو حل گڏجي ويهي ڪنداسين. صوبائي حڪومت کي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريان ٿو. بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪري ان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جي لاءِ تازي بجيٽ ۾ فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته دانش اسڪولن کي صوبي ۾ ڊويزنل سطح تي سگهه ڏني وڃي ته جيئن ان سان پوري صوبي جا شاگرد فائدو کڻن. اميد آهي ته بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ پوري صوبائي ڪابينا صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪندي. بلوچستان جي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ هتان جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.