حيدرآباد -04 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ پهريون ٽن ڏھاڙن وارو انبن جو فيملي فيسٽيول ۽ نمائش 05 جولاءِ جمعي ڏينهن کان پاڪستان ميري ٽائيم ميوزيم ڪراچي ۾ شروع ٿي رهي آهي جنھن لاءِ پاڪستان ميري ٽائيم ميوزيم، ٽي سي اين ايگزيڪيوٽو فورم ۽ مختلف ادارن ۽ زرعي فارمرز پاران سھڪار سان ڪيو ويو آهي. فيسٽيول جي شاندار افتتاحي تقريب شام جو منعقد ڪئي …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ پهريون ٽن ڏھاڙن وارو انبن جو فيملي فيسٽيول جمعي کان پاڪستان ميري ٽائيم ميوزيم ڪراچي ۾ شروع ٿيندو
حيدرآباد -04 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ پهريون ٽن ڏھاڙن وارو انبن جو فيملي فيسٽيول ۽ نمائش 05 جولاءِ جمعي ڏينهن کان پاڪستان ميري ٽائيم ميوزيم ڪراچي ۾ شروع ٿي رهي آهي جنھن لاءِ پاڪستان ميري ٽائيم ميوزيم، ٽي سي اين ايگزيڪيوٽو فورم ۽ مختلف ادارن ۽ زرعي فارمرز پاران سھڪار سان ڪيو ويو آهي. فيسٽيول جي شاندار افتتاحي تقريب شام جو منعقد ڪئي ويندي. افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان نيوي جو سي او ايم ڪي آر مهمان خاص هوندو، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري ۽ بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه مڱڻ تقريب دوران شرڪت ڪندا. افتتاحي تقريب دوران، سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جا وائيس چانسلر، ٽي سي اين ايگزيڪيوٽو فورم جا ميمبر، ايف پي سي سي آءِ ڪراچي جو صدر، ٽي ڊي اي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو سميت ڊائريڪٽر جنرل زرعي تحقيق سنڌ، ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع، چيئرمين سيڊا، مثالي آبادگار ۽ ٻيا سھڪار ڪندڙ معزز مهمان طور شامل هوندا. فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن جون سرگرميون شام جو 5 وڳي شروع ٿي وينديون، جنهن دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ربن ڪاٽي شروعات ڪندو، جڏھن تہ زراعت بابت صوبائي وزير سردار محمد بخش مہر، يونيورسٽيز ۽ بورڊز بابت صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، ڊاڪٽر مختار احمد شامل هوندا. فيسٽيول دوران پوسٽر پريزنٽيشن ۽ هڪ جامع فني ويھڪ پڻ ٿيندي، جنهن ۾ انبن جي پائيدار، پوکي جا طريقا، ويليو چين، انبن جي پيڪيجنگ ۽ چرپر ۽ پاڪستاني انب جي ايڪسپورٽ جي صلاحيت تي بحث ڪيو ويندو، سنڌ ۾ انب جي پوک جي صلاحيت، چئلينجز، ۽ موقعن تي هڪ پينل ڊسڪشن پڻ ٿيندو، جنھن جي ميزباني جون ذميواريون پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ادا ڪندو. ھن ويھڪ ۾ مثالي آبادگار سيد محمود نواز شاهه، ايم ايڇ پنهور فارمز جو ايم ڊي غلام سرور پنهور، دراني فارمز جو سي اي او آغا ظفر الله دراني، يوسفاڻي ايگريڪلچر فارم ٽنڊوالهيار جو ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جا نبي بخش سٺيو ۽ ڊائريڪٽر ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ ڊاڪٽر مبين لوڌي شامل هوندا. هي فيسٽيول هڪ منفرد تقريب هوندي، جنهن ۾ ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف حصن مان وڏي تعداد ۾ شرڪت ٿيندي، هن ۾ مختلف قسمن جا اسٽال شامل هوندا، خاص طور تي انب جي باءِ پراڊڪٽس، انب جي گرافٽنگ جا تجرباتي ۽ نمائشي اسٽال، سنڌ جون ثقافتي شيون، خاص طور تي ٿر ۽ نامياتي مصنوعات جا اسٽال به موجود هوندا، جنھن جو بنيادي مقصد ملڪي پيدواري شين، خاص طور تي انب کي ھٿي ڏيڻ ۽ شهري سيڙپڪارن کي زرعي ۽ خوراڪي شين ۾ ڪاروبار ۽ ايڪسپورٽ جي موقعن تي ڌيان ڏيارڻ آهي، جنھن لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي صنعت ۽ اڪيڊميا وچ ۾ لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ جو عزم شامل آھي.












