ٽوڪيو-17 جنوري (اي پي پي) جاپان ۾ زلزلي سبب فوتگين جو تعداد وڌي 232 ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب جاپان جي مرڪزي پرفيڪچر اوشيڪاوا جي حڪومت چيو آهي ته زلزلي سبب فوتگين جو انگ وڌي 232 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 21 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، واضع رهي ته جاپان جي مرڪزي علائقي ۾ 7.6 جي شدت سان آيل زلزلي کان پوءِ آفٽر شاڪس پڻ رڪاڊ ڪيا ويا آهن.