رياض-27 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي خابرو اداري ايس پي اي موجب رابطي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ انهن کي انهي ريت ترقي وٺرائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو جيڪو ٻنهي ملڪن ۽ دوست عوام جي مفادن لاءِ هجن. گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن، علائقائي ۽ عالمي واقعن ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.