نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل آهن: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني نوجوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش چيو آهي ته نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل آهن. جاري ڪيل خاص پيغام ۾ وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام نوجوانن جي صلاحيتن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي. …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني نوجوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش چيو آهي ته نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل آهن. جاري ڪيل خاص پيغام ۾ وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام نوجوانن جي صلاحيتن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته نوجوانن کي تعليم، بهتر روزگار ۽ اڳيان وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. موجوده حڪومت نوجوانن کي با اختيار بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي قومي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن جي محنت، عزم ۽ تخليقي صلاحيتون پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن ۽ ملڪ جي ترقي جو سفر نوجوان نسل جي ڀرپور شرڪت ۽ باصلاحيت قيادت کان سواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي.