نوجوان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو حقيقي محرڪ آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن کي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو حقيقي محرڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت تعليم، هنر ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ موقعن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان پاڪستان جي نوجوانن جي توانائي، صلاحيتن ۽ عزم کي خراج …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن کي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو حقيقي محرڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت تعليم، هنر ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ موقعن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان پاڪستان جي نوجوانن جي توانائي، صلاحيتن ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اسان جا نوجوان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا حقيقي محرڪ آهن جن جي جدت، تخليقي صلاحيت ۽ قيادت اسان جي قوم جي روشن مستقبل جي جوڙجڪ ڪري رهي آهي. هن چيو ته منهنجي حڪومت تعليم، هنرمندي ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ موقعن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن هر پاڪستاني نوجوان کي بااختيار بڻائي سگهجي ۽ اهي پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي خوابن کي حقيقت ۾ بدلائي سگهن.