نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم جي ملاقات

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اربع ڏينهن ايران جي سفير نائب وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تازي اعلى سطحي دورن جي مٽاسٽا کانپوءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قائم ٻطرفي اداراجاتي نظام تحت ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نائب …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اربع ڏينهن ايران جي سفير نائب وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تازي اعلى سطحي دورن جي مٽاسٽا کانپوءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قائم ٻطرفي اداراجاتي نظام تحت ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم ايران سان اهم ترجيحي شعبن ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي طرفن کان خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته التوا هيٺ مسئلن جي حل ۽ خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي موثر ذريعو آهي.