اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پاڪستان ايسوسيئيشن آف لائيف اسٽائل ميڊيسن جي صدر ڊاڪٽر ظفر مرزا سان گڏجي صحت واري وزارت ۾ لائيف اسٽائيل ميڊيسن هيلٿ ڪينٽين جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صحت وارو وفاقي سيڪريٽري اسلام غوري ۽ صحت واري وزارت جا ٻيا آفيسر به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته هي هيلٿ ڪينٽين پاڪستان ايسوسيئيشن آف لائيف اسٽال ميڊيسن ۽ رفاه …
وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پاران صحت واري وزارت ۾ لائيف اسٽائيل ميڊيسن هيلٿ ڪينٽين جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پاڪستان ايسوسيئيشن آف لائيف اسٽائل ميڊيسن جي صدر ڊاڪٽر ظفر مرزا سان گڏجي صحت واري وزارت ۾ لائيف اسٽائيل ميڊيسن هيلٿ ڪينٽين جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صحت وارو وفاقي سيڪريٽري اسلام غوري ۽ صحت واري وزارت جا ٻيا آفيسر به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته هي هيلٿ ڪينٽين پاڪستان ايسوسيئيشن آف لائيف اسٽال ميڊيسن ۽ رفاه انٽرنيشنل يونيورسٽي جي شعبي ڪلنري آرٽس جي تعاون سان قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اڄ جي صحت مند خوراڪ، سڀاڻي جي صحتمند زندگي. لائيف اسٽائيل ميڊيسن جي عملي شروعات ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته هيلٿ ڪينٽين جو مقصد صحت واري وزارت جي آفيسرن ۽ ملازمن کي صحت بخش ۽ متوازن خوراڪ جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ڪينٽين ۾ اهڙيون صحت بخش غذائون دستياب هونديون، جن جي تياري ۾ پراسيسڊ فوڊز ۽ اڇي کنڊ کان مڪمل پاسو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته صحتمند زندگي جي شروعات صحتمند خوراڪ جي چونڊ سان هوندي آهي، روزانو خوراڪ ۾ هاڪاري تبديليون ٿولهه، هاءِ بلڊ پريشر ۽ ٻين بيمارين جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته صحت بخش خوراڪ جي فراهمي جو اهو قدم صرف هڪ ڪينٽين جو قيام ناهي پر لائيف اسٽائيل ميڊيسن ۽ بيمارين کان بچاءَ جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ جي عملي ڪوشش آهي. وفاقي وزير چيو ته صحت واري وزارت ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن زور ڀريو ته سرڪاري ادارن ۾ صحت بخش ۽غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي آپشنز کي عام ڪرڻ گهرجي ته جيئن صحتمند زندگي کي هٿي ڏئي سگهجي.









