اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن، اسان جا نوجوان تمام گهڻين صلاحيتن جا مالڪ آهن . پاڪستاني نوجوانن مختلف شعبن ۾ سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي . نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن …
نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن، پاڪستاني نوجوان مختلف شعبن ۾ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي: سردار اياز صادق
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن، اسان جا نوجوان تمام گهڻين صلاحيتن جا مالڪ آهن . پاڪستاني نوجوانن مختلف شعبن ۾ سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي . نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪيو .هن چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي ٿو . قومي اسيمبلي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سندن ڀلائي لاءِ قانون سازي ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. يوٿ انٽرنشپ پروگرام ذريعي نوجوانن کي پارلياماني معاملن کان آگاهه ڪرايو پيو وڃي . هن چيو ته ينگ پارليامينٽيرينز فورم نوجوانن ۾ جهموري جاڳرتا اجاگر ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نوجوانن جي پارلياماني عمل ۾ شموليت جهموريت کي هٿي ڏيڻ لاءِ انٽر آهي . ينگ پارليامينٽيرينز فورم نوجوانن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ينگ پارليامينٽيرينز فورم نوجوانن ۽ پارليامان وچ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي . هن چيو ته نوجوانن جو جديد ٽيڪنااجي ۽ مصنوعي ذهانت جي مهارتن کان آگاهه هجڻ ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي . پاڪستان حڪومت نوجوانن کي روزگار جا باعزت موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان حڪومت طرفان پاڪستان جي پهرين نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي ساراهه جوڳو قدم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.












