اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهن. نوجوانن جي توانائي، صلاحيت ۽ تخليقي سوچ ملڪ جي ترقي جو اهم ذريعو آهي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ پاڪستان جي مستقبل ۾ اهم …
نوجوان پاڪستان جو قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهن: وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهن. نوجوانن جي توانائي، صلاحيت ۽ تخليقي سوچ ملڪ جي ترقي جو اهم ذريعو آهي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ پاڪستان جي مستقبل ۾ اهم سيڙپڪاري آهي، کين معياري تعليم ، هنر، روزگار ۽ برابري جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته نوجوانن جي حقن ۽ مستقبل جو تحفظ رياست جي اهم ذميواري آهي. نوجوانن کي قومي ترقي ۾ فعال ڪردار ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. تعليم ۽ هنرمندي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جو بنيادي سبب آهي جڏهن ته نوجوانن لاءِ باعزت روزگار ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ ضروري آهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته نوجوانن ۽ عورتن کي فيصلا سازي ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نوجوانن جي صلاحيتن کي مثبت رستو ڏيڻ قومي ترقي لاءِ انٽر آهي. هن چيو ته قانون ۽ آئين نوجوانن سميت هر شهري جي برابر حقن جي ضمانت ڏي ٿو . نوجوانن کي اظهار جي راءِ، تعليم ۽ ترقي جا برابر جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. نوجوانن ۾ برداشت، روادري ۽ ذميواري جي قدرن کي هٿي ڏيڻ به ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته نوجوان پاڪستان جي سماجي، معاشي ۽ قومي مستقبل جا اهم حصيدار آهن. سندن شموليت کانسواءِ پائيدار قومي ترقي ممڪن ناهي. نوجوان پنهنجون صلاحيتون ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ استعمال ۾ آڻين. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل باصلاحيت، تعليم يافته ۽ بااختيار نوجوان سان لاڳاپيل آهي. نوجوانن کي بااختيار بڻائي مضبوط، جامع ۽ خوشحال پاڪستان تعمير ڪري سگهجي ٿو.












