پي بي ڪوهلو ۾ 4 پولنگ اسٽيشنن تي ري پولنگ جو فيصلو معطل، مير چنگيز مري جي ميمبرشپ بحال

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 9 ڪوهلو جي چئن پولنگ اسٽيشنن تي 27 آگسٽ تي ٿيندڙ ري پولنگ جو فيصلو معطل ڪندي مسلم ليگ (ن) جي اميدوار مير چنگيز خان مري جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي. جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اربع تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڌرين کي نوٽس جاري …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 9 ڪوهلو جي چئن پولنگ اسٽيشنن تي 27 آگسٽ تي ٿيندڙ ري پولنگ جو فيصلو معطل ڪندي مسلم ليگ (ن) جي اميدوار مير چنگيز خان مري جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي. جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اربع تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڌرين کي نوٽس جاري ڪندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي آگسٽ جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن پي بي ڪوهلو جي چئن پولنگ اسٽيسنن تي 27 آگسٽ تي ٿيندڙ ري پولنگ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کي مسلم ليگ (ان) جي اميداوار مير چنگيز خان مري سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو. سپريم ڪورٽ ري پولنگ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي مير چنگيز خان مري جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي.