والاريل بيت المقدس-27 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو غزه مان فلسطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جي رپورٽ موجب حڪمران ليڪوڊ پارٽي جي ميمبر ڪينسٽ جي هڪ بند پارلياماني اجلاس دوران وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته هو غزه مان فسلطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي جي تياري تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ان منصوبي جي راهه ۾ رڪاوٽ اهي ملڪ آهن جيڪي فلسطينين کي پناهه ڏئي سگهن ٿا، تنهن هوندي به اسرائيل ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. نيتن ياهو جي قيادت ۾ ليڪوڊ پارٽي جي هڪ ميمبر ڪينسٽ ڊيني ڊينن چيو ته دنيا پهرين ئي ان معاملي تي ڳالهه ڪري رهي آهي، ڪينيڊا جي اميگريشن واري وزير مارڪ ملر انهن معاملن جي باري ۾ عوامي سطح تي ڳالهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي سفارتڪار نڪي هيلي به ان امڪان کي رد نه ڪيو. هن چيو ته اسان کي اسرائيل ۾ هڪ ٽيم ٺاهڻي پوندي جيڪا ان معاملي کي ڏسي، اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته غزه مان پنهنجي مرضي سان فلسطيني علائقو ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهن ته اسان انن جي ڪيئن مدد ڪري سگهون ٿا، هن جو چوڻ هو ته جنگ جي خاتمي کانپوءِ انهن جي اسٽريٽجڪ اهميت سبب ان معاملي کي منظم ڪرڻ گهرجي.