بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ چين سان ڀائراڻا لاڳاپن کان وڌيڪ ڪو رشتو اهم نه آهي، اسان جي ٻطرفي خصوصي لاڳاپن تي پاڪستان ۾ قومي اتفاق راءِ آهي، پاڪستان ڪنهن کي به پاڪ چين لاڳاپن کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي جنهن پٺتي پيل ۽ ڪمزور طبقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه هموار ڪئي، اهو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ اعتماد جو مظهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري دوران چيني ٿينڪ ٽينڪ ۽ اسڪالرز کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هن ٻطرفي مباحثي ۾ شامل ٿيڻ سندس لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ هي مباحثو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جا 10 سال مڪمل ٿي چڪا آهن. هي وقت هيستائين جي سفر جو جائزو وٺڻ ۽ اڳتي جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو گهرجائو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي هر موقعي تي ثابت قدم رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي قائم آهن. پاڪستان جي لاءِ چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کين وڌيڪ ڪو ٻيو رشتو اهم نه آهي. پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفي خصوصي لاڳاپن کي پاڪستان ۾ قومي اتفاق حاصل آهي. نگران وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان ڪنهن کي به اسان جي گهري دوستاڻن لاڳاپن کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. هن چيو ته سي پيڪ هڪ فليگ شپ منصوبو آهي جيڪو پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون جو مظهر آهي. سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي علامت آهي. هي هڪ انقلابي منصوبو آهي جيڪو پائيدار ترقي جي قومي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. سي پيڪ جي ڪري گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جو سماجي معاشي منظرنامو تبديل ٿي ويو آهي. گلگت کان ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن تائين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي لينڊ اسڪيپ ۾ تبديلي نظر اچي رهي آهي. سي پيڪ پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻايو. هن چيو ته سي پيڪ جي منصوبن سان اسان جي نوجوان آبادي کي ترقي جا موقعا مليا. روزگار جا موقعا، غربت ۾ گهٽتائي، ڳوٺاڻي علائقن جي ترقي ۾ سي پيڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. سي پيڪ پٺتي پيل ۽ ڪمزور طبقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه هموار ڪئي. هن چيو ته منهنجو تعلق گهٽ ترقي يافته صوبي بلوچستان سان آهي ۽ سي پيڪ بلوچستان جي لاءِ پڻ ترقي ۽ خوشحالي آندي آهي. هن چيو ته سي پيڪ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ اعتماد جو مظهر ۽ ترقي ۽ روشن مستقبل حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار پڻ آهي. هن چيو ته سي پيڪ افغانستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ پڻ موقعا کڻي آيو آهي. چين ۽ پاڪستان گوادر کي علائقائي رابطن جو مرڪز بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اسان سي پيڪ مان فائدو کڻڻ جي لاءِ نئين حصيدارن کي ڀليڪار چوڻ جي لاءِ تيار آهيون. سينٽرل ايشيا ۽ مڊل ايسٽ جي لاءِ پڻ ڪارائتو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ لکين ماڻهن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا آهن. سي پيڪ جي ذريعي اسان 800 ڪلوميٽر نئين رستن جو نيٽ ورڪ وڇايو آهي، نيشنل گرڊ ۾ 8000 ميگاواٽ بجلي شامل ٿي آهي ۽ 2 لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هي هڪ گيم چينجر منصوبو آهي. نگران وزيراعظم سي پيڪ جي نئين مرحلي ۾ چيني سيڙپڪارن کي گرين انرجي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان صنعتي پارڪس ۽ انڊسٽريل زونز قائم ڪرڻ جي لاءِ چيني ماڊل مان سکڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم چيو ته سولر پارڪس ۾ سيڙپڪاري سان پاڪستان انرجي امپورٽ بل گهٽ ٿيندو ۽ ماحول دوست توانائي حاصل ٿيندي. 2030ع تائين اسان 65 سيڪڙو قابل تجديد توانائي حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. سي پيڪ تحت ڪلين انرجي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري سان ان کي ممڪن بڻايو ويندو. هن زراعت ۽ قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري ۽ پاڪ چين تعاون جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته هو ارومچي جو پڻ دورو ڪندو. سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ واپاري لنگهه کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي 30 سالن تائين جي نوجوانن تي ٻڌل آهي جن مان 29 سيڪڙو 15 کان 29 سالن جي وچ ۾ آهي. انهن کي هنر ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو ويندو.