ڪولمبو-01 سيپٽمبر (اي پي پي)ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 16 هين ايڊيشن جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن جي ميزباني پاڪستان ۽ سريلنڪا ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي ٽيم پنهنجو ٻيو گروپ ميچ اڄ ڇنڇر تي روايتي حريف ڀارت خلاف پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ڪينڊي ۾ کيڏندو. هي ميچ پاڪستان جي معياري وقت موجب ڏينهن جو اڍائي وڳي شروع ٿيندو. پاڪستان پنهنجي گروپ اي جي شروعاتي ميچ ۾ حريف ٽيم نيپال کي وڏي مارجن 238 رنسن تان شڪست ڏئي نه رڳو ٽورنامينٽ جو فاتحاڻو آغاز ڪري ڇڏيو پر حريف ٽيمن لاءِ خطري جي گهنٽي پڻ وڄائي ڇڏي آهي، هي ايشيا ڪپ جو 16هون ايڊيشن آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ان کان اڳ ايشيا ڪپ ۾ 15 ڀيرا هڪٻئي جي آمهون سامهون آيون جتي ڀارت 8 جڏهن ته پاڪستان 6 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي ريت ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جو ڪاميابي ۾ پلڙو ڀاري آهي. ٽورنامينٽ جون ميچون 30 آگسٽ کان 17 سيپٽمبر تائين ون ڊي انٽرنيشنل فارميٽ طور تي پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيون وينديون، ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ 17سيپٽمبر تي ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. سريلنڪا جي ٽيم دفاعي چيمپئن آهي جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ زور آزمائي ڪنديون، گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ نيپال جڏهن ته گروپ بي ۾ دفاعي چيمپئن سريلنڪا، افغانستان ۽ بنگلاديش شامل آهن، پاڪستان جي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ وڏي مارجن سان نيپال خلاف کٽي چڪي آهي، جڏهن ته پنهنجي ٻي ميچ روايتي حريف ڀارت خلاف اڄ 2 سيپٽمبر تي کيڏندي. ڀارتي ٽيم کي سڀ کان وڌيڪ 7 ڀيرا ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل کٽڻ جواعزاز حاصل آهي، اهڙي ريت سريلنڪا پڻ 6 ڀيرا ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم ٻه ڀيرا ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل ماڻي چڪي آهي، ٽورنامينٽ جو سپر فور مرحلو 6 سيپٽمبر کان شروع ٿي 15 سيپٽمبر تي پڄاڻي تي پهچندو جڏهن ته ٻن فائنل ٽيمن وچ ۾ ٽورنامينٽ جو فائينل 17 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.