بارباڊوس-01 سيپٽمبر (اي پي پي)ڪيربين پريمئر ليگ جي 14 هين ميچ ۾ بارباڊوس رائلز سخت مقابلي بعد جميڪا تلاوا کي 6 وڪيٽن تان هاراي ڇڏيو . فاتح ٽيم جميڪا تلاوا طرفان ملندڙ 161 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو . بار باڊوس رائلز جي ايلڪ ايٿينز شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . هن 76 انفرادي رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي . شاندار بيٽنگ تي کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو .