اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اسلام آباد ۾ سفارتي مشنز جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تي پرڏيهي وزارت ۾ بريفنگ سيشن جو اهتمام ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي گورنمينٽ افيڪٽونيس بابت خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان ان موقعي تي هڪ تفصيلي پريزنٽيشن ڏني جنهن ۾ سفارتي ڪور کي ڪائونسل جي قيام ۽ مختلف رخن بابت آگاهه ڪيو ويو. هن پاڪستان ۾ چار اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي خاص طور تي اجاگر ڪيو جن ۾ آءِ ٽي، زراعت، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي شامل آهي. بريفنگ ۾ شريڪ سفارتي مشنز کي درخواست ڪئي وئي ته اهي پاڪستان جي وسيلن سان مالامال ملڪ هجڻ مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪن جي حوصلا افزائي ڪن. پاڪستان حڪومت تازو ئي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل جوڙي آهي جيڪا فيصلاسازي کي تيز ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ ”ون ونڊو“ پليٽ فارم طور ڪم ڪندي. بريفنگ سيشن ۾ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.