اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ايشيا ڪپ ٽي -20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ (اڄ) کان شروع ٿيندو جنهن جي ميزباني پاڪستان ۽ سريلنڪار ڪندا. هي ايشيا ڪپ جو 16هون ايڊيشن هوندو. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزبانيءَ ۾ ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. هي پهريون ايشيا ڪپ هوندو جنهن جي ميزباني ڪيترائي ملڪ ڪندا. 4 ميچون پاڪستان ۾ کيڏيون وينديون ۽ باقي 9 ميچون سريلنڪا ۾ کيڏيون وينديون. ان کان اڳ ايشيا ڪپ ون ڊي فارميٽ ۾ کيڏيو ويندو هو، هي ٻيو ڀيرو آهي ته ايشيا ڪپ ٽي-20 ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ جي شروعاتي ميچ گروپ اي جي ٽيمن پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ملتان ۾ کيڏي ويندي. روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ 2 سيپٽمبر تي پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪينڊي ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ان کان اڳ ايشيا ڪپ ۾ 15 ڀيرا هڪٻئي سان آمهون سامهون ٿيون آهن جنهن ۾ ڀارت 8 ڀيرا جڏهن ته پاڪستان 6 ڀير ا ڪاميابي ماڻي آهي. اهڙيءَ طرح ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم کي ڪاميابي جي اعتبار سان پلڙو ڀاري آهي. ٽورنامينٽ جون ميچون 30 آگسٽ ۽ 17 سيپٽمبر تائين محدود فارميٽ ٽي 20 انٽرنيشنل طور پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيون وينديون. فائنل ميچ 17 سيپٽمبر تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. سريلنڪا ٽيم دفاعي چيمپئن آهي. ٽورنامينٽ جي 6 ٽيمن ۾ پاڪستان، سريلنڪا، ڀارت، بنگلاديش، افغانستان ۽ نيپال شامل آهن. گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ نيپال جڏهن ته گروپ بي ۾ سريلنڪا، افغانستان ۽ بنگلاديش شامل آهن.