نيويارڪ -25 آگسٽ (اي پي پي ) هلندڙ سال جو چوٿون ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جو 143 هون ايڊيشن 28 آگسٽ کان آمريڪي شهرنيويارڪ ۾ شروع ٿيندو .ٽورنامنٽ انتظاميا موجب ميگا ايونٽ جي ڪامياب نموني منعقد ڪرائڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن .ميگا ايونٽ هارڊ ڪورٽ ۾ کيڏو ويندو جنهن ۾ ٽينس جا نالي وارا رانديگر ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر ايندا . ميگا ايونٽ ۾ مينز سنگلز ،ويمنز ڊبلز ۽ مڪسڊ ڊبلز سميت ٻيا مقابلا ٿيندا هسپانوي ٽينس اسٽار ۽ ومبلڊن اوپن چيمپئن ڪارلوس الڪاراز گذريل يو ايس اوپن مينز سنگلز ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هيو وومين جي سنگلز مقابلن ۾ پولينڊ جي ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون آئيگا نٽاليه سويٽيڪ پنهنجي دفاع ڪنديون اهڙي طرح مينز ڊبلز مقابلن ۾ آمريڪا راجيو رام ۽ ان جي برطانوي جوڙي دار جوسيلسبري تي ٻڌل جوڙي پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي .