اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزارت پهچڻ تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ سينيئر آفيسرن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي وزيراعظم کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن، پرڏيهي وزارت جي ڪارڪردگي، ٻين ملڪن سان سفارتي لاڳاپن کي مضبوط بنائن جي تازين ڪوششن ۽ مستقبل جي لاءِ ترجيحن، خاص طور تي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم کي پرڏيهي وزارت پاران ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪرڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ لاڳپايل وزارتن ۽ ادارن سان گڏجي کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. پرڏيهي وزارت ۽ ٻين سمورين قومي ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مقصدن، سلامتي، واپاري ۽ اقتصادي قدمن ۾ هم آهنگي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم هڪ متحرڪ پرڏيهي پاليسي ۽ ٻين ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ويزن جو اظهار ڪيو. هن پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان رابطي کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان خصوصي هدايت ڏنيون. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي مفادن جي فروغ ۽ تحفظ ۾ پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستاني سفارتڪارن جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن پرڏيهي پاليسي جي ترجيحي شعبن ۾ فيصلن تي عملدرآمد کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت سان مسلسل رابطي جي خواهش جو اظهار ڪيو.