اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب ريفرنڊم سان ڪشمير مسئلي جي حل ٿيڻ تائين ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چوڌري انوارالحق کي پاڪستان پاران ڪشمير جي لاءِ غيرمشروط حمايت جو يقين ڏياريو، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪشميرين جي امنگن موجب ريفرنڊم سان نٿو ٿي وڃي.