ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هي حڪومت محدود مدي جي لاءِ وجود ۾ آئي، چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني جي لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون ۽ ڪردار ادا ڪنداسين، ڪوشش هوندي ته ان عمل کي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن سمورن ڌرين کي اهو عمل قابل قبول هجي، پاڪستان ۾ آئيني ۽ قانوني طريقي سان اقتدار جي منتقلي جي تڪميل ٿئي، نظريه پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي فروغ ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح سدائين اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي، نگران حڪومت پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته قائد جي مزار تي حاضري جو شرف حاصل ٿيو. هن چيو ته جنهن مقصد جي لاءِ قائداعظم هي رياست جوڙي ان سان وفا جو وچن ڪيو وڃي، آئيني گهرجن جي ڏس ۾ هي حڪومت محدود مدي جي لاءِ وجود ۾ آئي، چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني جي لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون ۽ ڪردار ادا ڪنداسين ۽ ڪوشش هوندي ته ان عمل کي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن سمورن ڌرين کي اهو عمل قابل قبول هجي ۽ پاڪستان ۾ آئيني ۽ قانوني طريقي سان اقتدار جي منتقلي جي تڪميل ٿئي. هن چيو ته پاڪستان جي نظريي، فڪر ۽ وفاق بابت قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جو جيڪو پيغام آهي ان محدود وقت ۾ ان سماجي معاهدي جو بار بار ماڻهن سان ذڪر ڪريو جنهن تحت هن رياست جي وجود جي جوڙجڪ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، هي رياست بنيادي طور تي هڪ غالب اڪثريت جي غاصباڻي حڪمراني جي انداز کي پرکيندي هڪ وڏي اقليت جي لاءِ جوڙي وئي، اها غالب اقليت اڪثريت بڻجي وئي جنهن کانپوءِ اقليتن جون نيون شڪليون رونما ٿي ويون. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي تاريخي خطاب ڪيو، اهو خطاب نئين اقليتن جي حوالي سان هو جيڪي نئين رياست جي ٺهڻ کانپوءِ وجود ۾ آيون، زبان، مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي سماجي گروپ سامهون آيا، بنيادي نعرو اهو ئي ڏنو ته پاڪستان جي اندر سماجي ۽ معاشي حق شهري ۽ رياست جي وچ ۾ هوندا، اهي مذهب ۽ صوبائيت کان مٿانهون ۽ صلاحيت جي بنياد تي هوندا. هن چيو ته اسان کي جيڪا آئيني ذميواري ڏني وئي آهي اها قائد جي خواب ۽ ان جي عزم جو مظهر آهي ڇو ته مختلف حوالن سان پنهنجي پنهنجي پروفيشن جا ماهر ماڻهو ترقي ڪندي نظر اچي رهيا آهن ۽ ملڪ ۽ معاشري جي خدمت جي لاءِ پرعزم آهن، اهي ايماندار طرز عمل سان اڳتي وڌندي نظر ايندا، اهو ئي عمل پاڪستان جو مستقبل آهي ۽ اهو ئي عمل ۽ فڪر ملڪ جي لاءِ رول ماڊل آهي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر پڻ موجود هئا.