اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي نيشنل بڪ فائونڊيشن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي، ته ادارو پاڪستان جي سمورن ٻولين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايئن ئي ڪم ڪندو رهندو، تعليم واري نگران وفاقي وزير نيشنل بڪ فائونڊيشن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي تعليم واري وزير نيشنل بڪ فائونڊيشن جي ايم ڊي راجه مظهر حميد، اداري جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. نگران وفاقي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال نيشنل بڪ فائونڊيشن کي 40 ڪروڙ رپين جو منافعو ٿيو. نيشنل بڪ فائونڊيشن 55 ادارن ۾ ڪتاب فراهم ڪري پيو. نيشنل بڪ فائونڊيشن گذريل سال 105 ٽيڪسٽ بڪ ڊولپ ڪيا، وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال نيشنل بڪ فائونڊيشن 65 لک ڪتاب ڇاپيا، جڏهن ته نيشنل بڪ فائونڊيشن آءِ ايس او سرٽيفائيڊ آهي. وفاقي وزير نيشنل بڪ فائونڊيشن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بڪ فائونڊيشن پاڪستان جي قومي ٻولين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندو. هن چيو ته بڪ فائونڊيشن ايندڙ 14 ڏينهن ۾ آهستي سکڻ جي صلاحيت رکندڙ ٻارن لاءِ اسپيشل لرننگ مٽيريل جاري ڪندو. هن چيو ته ٻارن ۾ ڊيسليڪسيا جي بيماري سان وڙهڻ جو اهو ئي طريقو آهي. هن هن هدايت ڪئي ته ٻارن لاءِ اسپيشل لرننگ مٽيريل سرڪاري اسڪولن ۾ فوري لاڳو ڪيو وڃي.