اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ هدايت ڪئي آهي، ته وفاقي راڄڌاني جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن کي هڪ هفتي ۾ بهتر بڻايو وڃي. ان سلسلي ۾ تعليمي ادارن جي صورتحال جاچڻ لاءِ اوچتا دورا ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو. نگران وفاقي وزير اسلام آباد ماڊل اسڪول ايف-6/3 جو اوچتو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن اسڪول جي پرنسپال جي غيرموجودگي جو نوٽيس ورتو، مدد علي سنڌي اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي بدتر حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هي اسلام آباد جي اهم ترين علائقي جو سرڪاري اسڪول آهي، جتان جي ايڏي بدتر صورتحال آهي، گرمين جي موڪلن دوران سمورو ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، هن هدايت ڪئي ته هفتي اندر سمورا ڪم مڪمل ڪرايا وڃن.