همبنٽوٽا -21 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ اڱاري تي سريلنڪا ۾ کيڏي ويندي، ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي جيڪا پاڪستان جي معياري وقت موجب منجهند جو 2 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي، ٻئي ٽيمون هن وقت سريلنڪا ۾ موجود آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪندو، جڏهن ته افغانستان جي ٽيم جي قيادت حشمت الله شهيدي ڪري رهيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ميچ 24 جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 26 آگسٽ تي کيڏي ويندي. سيريز جون ٽئي ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون ۽ سريلنڪا جي مهندا راجا پاڪسا انٽرنيشنل اسٽيڊيم همبنٽوٽا ۾ کيڏيون وينديون.