اسلام آباد_20 آگسٽ(اي پي پي) سڌ سماءَ جي جي نگران وفاقي وزير مرتضي سولنگي جو ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر بس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنن سان همدري جو اظهار ڪندي تعزيت ڪيو ۽ چيو ته اسان سڀني کي ان حادثي تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، هن چيو ته حادثي جو سبب معلوم ٿيڻ گهرجي ته جئين آئنده ان قسم جي حادثن کان بچي سگهجي، نگران وفاقي وزير حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنبن جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.