اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان سينيٽر مظفر حسين شاهه اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سينيٽر مظفر حسين شاهه ملاقات ۾ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.