اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان اڳوڻي سينيٽر رحمت ڪاڪڙ جي اڳواڻي ۾ بلوچستان جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جوعهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم وفد جو ٿورو مڃيو.