اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي مختلف علائقن مان آيل وفدن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفدن انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفدن جي نمائندن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ سياسي نظام ۽ ملڪي جمهوريت ۾ عوام جو يقين مستحڪم ڪري ٿي. وفدن وزيراعظم کي گلدستا پيش ڪيا ۽ ڪجهه ميمبرن وزيراعظم جي ذوق موجب ڪتابن جا تحفا پيش ڪيا.