اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) گوهر اعجاز واپار بابت نگران وفاقي وزير طور ذميواريون سنڀالي ورتيون. واپاري واري وزارت مان جاري بيان موجب گوهر اعجاز کي ڪامرس ڊويزن ۽ صنعت جي اهم ڪمن ۽ ذميوارين جي باري ۾ هڪ جامع بريفنگ ڏني. واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز ملڪي ايڪسپورٽ کي 80 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي واپاري ۽ صنعتي منظرنامي کي نئون رخ ڏيڻ جو عزم کڻي آيو آهيان، واپاري شعبن ۾ ڏکيائين کي چئلينج سمجهي ڪري حل ڪرڻ چاهيان ٿو، هن عهدي کي خلق جي خدمت سمجهي قبول ڪيو آهي، هن چيو ته ارادو آهي ته هن مختصر عرصي ۾ رياستي ڪاروباري ادارن کي منافع بخش بڻايو وڃي، اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ گارمينٽس لاءِ فليگ شپ پراجيڪٽ لانچ ڪيا ويندا.