اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته قانون جي حڪمران تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي پليٽ فارم تان مقرر مدي ۾ پاڪستان جي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيل واعدن کي پورو ڪنداسين، ڪشمير هڪ پراڻو تڪرار آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙن سان گڏ نه آهي، اڪثريت کي اقليت جو خيال رکڻو پوندو. ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نئين نگران ڪابينا کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي هڪ تجربيڪار ۽ بهترين ٽيم آهي. ڪابينا ۾ ملڪ جا قابل ترين ماڻهو شامل آهن ۽ پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ مهارت رکن ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته مون کي قابل ٽيم تي فخر آهي ۽ اميد آهي ته ان عبوري مدي ۾ اسان قوم جي ڀرپور خدمت ڪنداسين. جيتوڻيڪ اسان وٽ ملڪ جي خدمت لاءِ ڪو وڌيڪ مينڊيٽ نه آهي پر هڪ محدود وقت آهي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته گذريل حڪومتن ملڪي ۽ عالمي سطح تي مختلف فورمن تي جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن کي پورو ڪريون ۽ انهي تسلسل ۾ قانون ۽ آئين اسان کي جيڪا اجازت ڏي ٿو ان ۾ رهي نوان قدم کڻون، خاص طور تي گذريل حڪومت پاران قائم ڪيل پرڏيهي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي پليٽ فارم تان جيڪي اميدون لڳايون ويون آهن انهن جي تڪميل ٿئي. هن چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي وڏا معدني وسيلا آهن. بلوچستان قدرتي ۽ معدني وسيلن سان مالامال آهي. هن چيو ته ايس آئي ايف سي ڪو نئون تصور نه آهي پر اهو پراڻو قومي خواب آهي جنهن تي هاڻي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. وقت اچي ويو آهي ته پاڪ آرمي سميت سمورن ادارن جي تعاون سان اسان معاونت، سهولت، حوصلي ۽ادراڪ سان ان پراڻي قومي خواب کي تعبير ڪريون. اها ڪنهن هڪ اداري جي نه پر 25 ڪروڙ عوام جي گڏيل ملڪيت آهي. ان ۾ اسان سڀ گڏيل طور تي ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته هن ورڇ ٿيل ماحول ۾ اسان ڪوشش ڪنداسين ته سياست ۽ قانون ۾ فرق رکون. هتي قانون جي حڪمراني ۽ رُول آف آرڊر هجي. اسان يقيني بڻائينداسين ته رُول آف آرڊر تي ڪنهن به طور تي ٺاهه نه ٿئي، جيڪڏهن ڪٿي به انتشار ٿئي ته ڪو به حڪومتي نظام نه ٿو هلي سگهي، اسان ان جي اهميت کان آگاهه آهيون. ان تي ڪنهن به طور تي ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان سمورن مذهب رکندڙ ماڻهن جو ملڪ آهي. قائداعظم 11 آگسٽ تي پنهنجي مشهور تقرير ۾ چيو هو ته ڪنهن کي به ان جي سڃاڻپ جي بنياد تي حق حاصل نه هوندا پر بنا ڪنهن فرق جي سڀني کي اهي حق حاصل هوندا. اسان کي پنهنجي پاڪستان جي خواب جو ادراڪ ڪرڻو پوندو ۽ اهو اسانجي ڌرتي جو خواب آهي. قائداعظم ۽ اقبال جي ويزن تي عمل ڪري پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته اسان قدامت پسند رجحانن جي ڪنهن به شڪل جي سختي سان مذمت ڪريون ٿا. معاشري ۾ مذهبي انتهاپسندي جي ڪا گنجائش نه آهي. ان جي حوصلا شڪني ڪئي ويندي. قدامت پسندي ڀلي مذهبي هجي يا سيڪيولر يا ڪنهن ٻي شڪل ۾ هجي ان جي آجيان نه ٿي ڪري سگهجي پر ان جي حوصلا شڪني ڪرڻي آهي ۽ ان کي قانون موجب منهن ڏيڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي وڏا معاشي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته قابل نگران ٽيم جي معاونت سان اسان مالياتي نظم ۽ ضبط قائم ڪنداسين. اسان کي ٽيڪس پيئر جي پئسي جي اهميت جو اندازو آهي. هن چيو ته اسان جي اڄ جي هن اجلاس جي وسيلن، سفر جي قيمت پاڪستان جي عوام ادا ڪري ٿي. هڪ دڪاندار، ٽيچر، قانوندادن، سول سرونٽ اهي سڀ اسان جي لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ اسان انهن کي سماجي خدمتون، سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا ذميوار آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مختلف مذهب ۽ زبانون رکندڙ ملڪ آهي. اقليتن جي هن ملڪ ۾ مڪمل تحفظ ڪيو ويندو. رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان گڏ نه آهي. اڪثريت کي اقليت جو خيال رکڻو پوندو. ان جي خلاف معاشري جي ڪنهن به طبقي پاران نشانو بڻائڻ تي قوم ۽ رياست جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي انهن سان گڏ بيهن. انصاف ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي. هن اقليتن جي حقن جي مڪمل احترام جو درس ڏنو آهي. پاڪستان جو بنياد مقدس اصولن تي رکيو ويو آهي. نگران وزيراعظم 9 مئي جي واقعن تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي فوجي ٺڪاڻن تي حملو اسان جي پوري نظام تي حملي جي برابر آهي. اسان نه رڳو ان جي مذمت ڪريون ٿا پر ان جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. جنهن به قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ان کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي. ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي هڪ پراڻو تڪرار آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.